اڻراهه جي پٽيِ

اُڻراهه جي پٽيِ: هيءُ دڙو هندو/اسلامي دور سان تعلق رکي ٿو. محراب پور شھر ۽ ٽنڊي مير عاليءَ جي وچ تي ضلعي خيرپورميرس ۾ واقع آهي. دڙي جي ايراضي ٻن ميلن ۾ پکڙيل آھي. دڙا ٥ کان ١٠ فوٽ اوچا آھن. اڳي اڃا وڏي ايراضي ھوندي، پر هاڻي گھڻو حصو زرعي آباديءَ ھيٺ اچي چڪو آھي. لڳي ٿو ڪا ڪھني بستي آھي. مٿاڇري تي ٺڪراٺو ھندو ۽ اسلامي دور سان ڀيٽڻ جھڙو آھي. ھيٺين تهن ۾ ڪو وڏو تاريخي دفينو ٿي سگھي ٿو. ٿورو ھيٺ کوٽڻ سان ٽامي جا سڪا ۽ ٻيون وٿون ملن ٿيون. کوٽائي ٿيل ڪانه آھي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو